ڪراچي (10 فيبروري 2018) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڊيرا اسماعيل خان ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ تي تمام گهڻي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. ٽارگيٽ ڪلنگ جي تازن واقعن تي افسوس جو اظهار ڪندي پي پي پي چيئرمين متاثر ڪٽنبن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته تڪليف جي هن گهڙي ۾ هو ساڻن گڏ ۽ سندن ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي. پي پي پي چيئرمين چيو ته اهو انتهائي افسوسناڪ آهي ته تحريڪ انصاف جي صوبائي حڪومت پنهنجون ذميواريون نڀائڻ کان لنوائي رهي آهي، جڏهن ته قاتلن کي ڇوٽ مليل آهي، جيڪي ماڻهن کي بي رحمي سان قتل ڪري رهيا آهن.