سکر (24 فيبروري 2018) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هڪ سياسي جماعت پنج سال فقط هڪ شهر کي اوليت ڏيندي رهي، پر سنڌ ۾ پي پي پي جي صوبائي حڪومت عوام جي  بهتري ۽ ڀلائي تي ڌيان ڏنو، اسڪول، ڪاليج ٺاهيا، يونيورسٽيون قائم ڪيون ۽ 6 وڏيون اسپتالون تعمير ڪيون. سکر ۾ NICVD سيٽلائيٽ سينٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي پي پي پي چيئرمين چيو ته نواز شريف مخالفن کي سزائون ڏيارڻ لاءِ ججن تي دٻاءُ وڌو ۽ انهن خلاف فيصلا اچڻ تي خوشيون ملهايون. هن چيو ته نااهل وزيراعظم هڪ آمر کي معافي نامو لکي ڏنو ۽ عمر قيد جي سزا ملڻ بعد اهڙي فيصلي خلاف اپيل به نه ڪئي، پر اٺن سالن کانپوءِ واپس آيو ته سموريون سزائون معاف ڪيون ويون. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٽڪراءُ جي پاليسي جمهوريت ۽ ملڪ جي مفاد ۾ناهي. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي اصل مسئلن جو ذڪر ئي نه ٿي رهيو آهي، پاناما ۽ اقاما جي عوام کي پرواهه ناهي، ڇاڪاڻ ته اهي عوام جا مسئلا ناهن، ۽ عوام کي ان سان به غرض ناهي ته توهان کي ڇو ڪڍيو ويو. پي پي پي چيئرمين چيو ته عوام جي مسئلن تي ڪم نه ٿي رهيو آهي، مهانگائي آسمان تي پهچي وئي آهي ۽ صحت توڙي تعليم جي صورتحال خراب آهي. هن چيو ته وفاق ، پنجاب، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ نوازليگ جي حڪومت آهي پر پوءِ به هنن جو روڄ راڙو بند نه ٿو ٿئي. جيڪو ڪم هنن کي ڪرڻ گهرجي، سو نه ٿا ڪن پر جيڪو نه ڪرڻ گهري، اهو ڪم ڪري رهيا آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ جا اثاثا ڀڳڙن مٺ تي وڪيا پيا وڃن، ذاتي ايئرلائين هلائي رهيا آهن ۽ قومي ايئرلائين وڪرو پيا ڪن. حالتون ڪهڙيون به هجن، پنهنجي ماءُ جا زيور نه وڪيا ويندا آهن. تقريب کي وڏي وزير مراد علي شاهه، قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد احمد شاهه، پي پي پي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو، صحت جي صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر منڌري ۽ NICVD جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر نديم قمر پڻ خطاب ڪيو، جڏهن ته تقريب ۾ سيد قائم علي شاهه، صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، سهيل انور سيال، منظور حسين وساڻ، ڄام مهتاب ڏهر، ايم اين اعجاز حسين جکراڻي، نعمان اسلام شيخ ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.