کراچی (28 فروری 2018) پاکستان پیپلز پارٹی کے چیئرمین بلاول بھٹو زرداری نے ہندو برادری کو ہولی کے تہوار پر مبارکباد دی ہے، جو پاکستان سمیت دنیا بھر میں کل (جمعرات) سے منائی جائیگی۔ ہولی کا تہوار باطل پر حق کی فتح، آمدِ بھار، اختتامِ سرما، کھیل و مسرت، عفو و درگذر اور ٹوٹے ہوئے رشتوں کو پھر سے جوڑنے کے تہوار کے طور پر منایا جاتا ہے۔ اپنے پیغام میں پی پی پی چیئرمین نے کہا کہ ان کی پارٹی ملک میں غیرمسلموں کے لیئے یکساں حقوق اور مواقع کی حامی ہے کیونکہ مساوات پر مبنی معاشرے کی تشکیل کے لیئے بابائے قوم قائداعظم محمد علی جناح کے نظریئے کی علمبردار فقط پیپلز پارٹی ہے۔ بلاول بھٹو زرداری نے نشاندہی کرتے ہوئے کہا کہ پی پی پی نے غیرمسلم پاکستانیوں کے حقوق کے لیئے آئینی ضمانتیں دی ہیں اور پارلیامینٹ و پارٹی میں انہیں بیمثال نمائندگی دی ہے۔ انہوں نے یقین دلایا کہ ہر پاکستانی کو محفوظ ماحول میں اپنے مذہبی تہوار منانے کی کھلی آزادی ہے۔

ڪراچي (28 فيبروري 2018) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هندو برادري کي هولي تھوار تي واڌايون ڏنيون آهن، جيڪا پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ سڀاڻي (خميس) کان ملهائي ويندي. هولي کي باطل تي حق جي فتح، بهار جي آمد، سياري جي پڄاڻي، راند ۽ خوشي، وسارڻ توڙي معاف ڪرڻ، ۽ ٽٽل رشتن کي ٻيهر جوڙڻ جي تهوار طور ملهايو ويندو آهي. پنهنجي پيغام ۾ پي پي پي چيئرمين چيو ته سندس پارٽي ملڪ ۾ غيرمسلمانن لاءِ برابر حقن ۽ موقعن جي فراهمي جي حامي آهي، ڇاڪاڻ ته مساوت تي بيٺل سماج ٺاهڻ بابت قوم جي ابي قائداعظم محمد علي جناح جي نظرئي جي علمبردار فقط پيپلز پارٽي آهي. بلاول ڀٽو زرداري نشاندهي ڪندي چيو ته پي پي پي غيرمسلم پاڪستانين جي حقن لاءِ آئيني ضمانتون ڏنيون آهن ۽ پارليامينٽ توڙي پارٽي ۾ بيمثال نمائندگي ڏني آهي. هن خاطري ڪرائي ته هر پاڪستاني کي محفوظ ماحول ۾ پنهنجا مذهبي تهوار ملهائڻ جي کلي آزادي آهي.